سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم بابت ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس عائشه ملڪ وچ ۾ رولز جي تياريءَ تي اختلاف سامهون آيو، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هاڻي اپيل جو حق ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو جوڊيشل ڪميشن جي هٿ ۾ آهي، جيڪو عدليه جي آزاديءَ جو سڌو سنئون معاملو آهي،جسٽس مندوخيل چيو ته اپيل جو حق ته 16 رڪني بئنچ ۾ به موجود نه هوندو، جسٽس مندوخيل چيو ته اهي رولز 24 ججن جي موجودگيءَ ۾ ٺاهيا ويا هئا جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ تڪڙي مداخلت ڪندي چيو ته نه، سڀني جي ڄاڻ ۾ نه هئا، منهنجو نوٽ رڪارڊ تي موجود آهي، جسٽس مندوخيل جواب ڏنو ته مون کي ڪوڙو ڪيو پيو وڃي، مون کي وضاحت ڪرڻي پوندي .
سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت اندر ججن وچ ۾ وضاحت طلبي جون ڳالهيون سامهون آيون.
ٻڌڻي دوران وڪيل عابد زبيري فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جسٽس مندوخيل وڪيل کان سوال ڪيو ته هڪ پاسي اوهان فل ڪورٽ جي ڳالهه ٿا ڪريو، ٻي پاسي چوندا آهيو ته صرف 16 جج ٻڌڻي ڪن، توهان آخر چاهيو ڇا ٿا؟.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هاڻي اپيل جو حق ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو جوڊيشل ڪميشن جي هٿ ۾ آهي، جيڪو عدليه جي آزاديءَ جو سڌو سنئون معاملو آهي،جسٽس مندوخيل چيو ته اپيل جو حق ته 16 رڪني بئنچ ۾ به موجود نه هوندو، اهي رولز 24 ججن جي موجودگيءَ ۾ ٺاهيا ويا هئا.
جسٽس عائشه ملڪ تڪڙي مداخلت ڪندي چيو ته نه، سڀني جي ڄاڻ ۾ نه هئا، منهنجو نوٽ رڪارڊ تي موجود آهي.
اٽراني جنرل روسٽرم تي اچي چيو ته اهي عدالت جا اندروني معاملا آهن ان تي بحث نه ٿيڻ گهرجي.
جسٽس مندوخيل جواب ڏنو ته مون کي ڪوڙو ڪيو پيو وڃي، مون کي وضاحت ڪرڻي پوندي،جيستائين اها ڳالهه واضح نه ٿيندي، ڪيس اڳتي نه وڌندو.
عدالت ۾ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.




