KTN News

بلوچستان ۾ دهشتگردي ٻيهر سر اٿاري رهي آهي، جائزو وٺڻو پوندو ته ڪهڙن سببن جي ڪري اڻڏاڳي پيدا ٿي؟ وزيراعظم شهباز شريف

وزیراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو 2018 ۾ مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، پر بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻيهر دهشتگردي سر اٿاري رهي آهي، جائزو وٺڻو پوندو ته ڪهڙن سببن جي ڪري اڻڏاڳي پيدا ٿي؟

وزیراعظم شهباز شريف بلوچستان ورڪشاپ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ صوبي کي نظرانداز ڪيو ويو، صوبي جي جاگرافيائي ڍانچي ترقي جي سفر ۾ چئلينج بڻجي وئي آهي، سيڪيورٽي ادارا امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، صوباَ جي وچ ۾ اتفاق راءِ پاڪستان جي مضبوط ٿيڻ جي بنياد آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي مجموعي خوشحالي سان جڙيل آهي، دوري دراز آباديءَ تائين بجلي ۽ رستن جي فراهمي مسئلو آهي، مضبوط رستن جي نيٽ ورڪ کان سواءِ تعليم ۽ صنعت جي ترقي ممڪن ناهي، ڪراچي کان چمن شاهراه تي حادثا عام هئا، خوني روڊ کي امن جي رستي ۾ تبديل ڪيو ويندو.

هن چيو ته 2010 جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنجاب تاريخي قرباني ڏني، وفاق جي روح باهمي قرباني ۽ ڀائيچاري ۾ لڪل آهي، ۽ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪنهن به انتشار جو گڏجي مقابلو ڪرڻ جو پڻ عزم ڪيو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube