KTN News

لڪي مروت: پوليس موبائل تي خودڪش حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 6 زخمي

لڪي مروت جي علائقي بخمل احمد زئي ۾ پوليس موبائل تي خودڪش حملو ٿيو آهي.

پوليس موجب ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڇهه زخمي ٿيا آهن.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو ته ڌماڪي ۾ خودڪش بمبار به مارجي ويو جڏهن ته ٻيو حملو ڪندڙ فرار ٿي ويو. ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

ٻئي حملي آور روڊ جي ڪناري بيٺا هئا، جڏهن پوليس موبائل ويجهو آئي ته هڪ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube