KTN News

ڪيترن ئي ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود به خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ جي منظوري جو معاملو

ڪيترن ئي ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود به خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ جي منظوري جو معاملو اڃا تائين غير واضح ۽ ڳجهارت بڻيل آهي.

علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته هو گورنر ڏانهن استعيفا موڪلي چڪو آهي، هاڻي ڊرامو بند ٿيڻ گهرجن.

ٻئي پاسي گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته استعيفا اڃا تائين پرنسپل سيڪريٽري تائين نه پهتي آهي، ۽ جڏهن ملي ته قانوني طور جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن موجب قانوني ماهرن جو خيال آهي ته گورنر استعيفا کي هٿ سان نه لکيل هجڻ جو اعتراض لڳائي سگهي ٿو.

خيبر پختونخوا اسمبليءَ جي ذريعن موجب، موڪلن باوجود سمورو عملو موجود آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف اڳواٽ ئي علي امين گنڊاپور خلاف بي اعتمادي رٿ تيار ڪري ڇڏي آهي.

جيڪڏهن گورنر استعيفيٰ تي صحيح نه ڪئي، ته اها رٿ پيش ڪئي ويندي.

واضح رهي ته هن وقت خيبر پختونخوا اسمبليءَ ۾ ڪل 145 ميمبر آهن، جن مان آزاد ميمبرن جو انگ 93 ۽ اپوزيشن ميمبر 52 آهن.

بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 73 ووٽن جي ضرورت هوندي.

سياسي مبصرن موجب، صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خيبر پختونخوا جي سياست لاءِ فيصلو ڪندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube