KTN News

ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي پل جي حوالي سان هڪ مهيني ۾ پنج اجلاس ڪيا ويا,وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  آهي ته ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي پل جي حوالي سان هڪ مهيني ۾ پنج اجلاس ڪيا ويا آهن،نومبر کان جون تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي آهي.

اجلاس جي صدارت  ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان چاهيان ٿو ته نومبر کان جون  تائين تيزي سان ڪم ڪيو وڃي.

هن چيو ته نومبر کان ڊسمبر 2026 تائين پل جو ڪم ڪنهن حد تائين مڪمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته پل جي اڏاوت لاءِ ٽاپ ڪلاس انجنيئرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي،هاڻ سڪيورٽي جو ڪوبه مسئلو ناهي.

وڏي وزير چيو ته مون کي صرف ڪم جي رفتار گهرجي، پل نه صرف سنڌ پر پنجاب ۽ بلوچستان جي معيشت لاءِ اهم آهي…..

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube