KTN News

ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي 77 سال مڪمل

ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اڄ پاڪستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سموري  دنيا ۾ يومِ سياه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،ڪشميري عوام سان همدرديءَ جو اظهار ۽ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاجي ريليون  ڪڍيون ويون، احتجاج ڪندڙن عالمي برادري کان ڪشميرين کي هق 0يارڻ جو مطالبو ڪيو .

وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ شڪميري ڀائرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ  پرڏيهي کاتي جي آفيس کان ڊيچوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي،  جنهن ۾ مختلف وزارتن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ملڪ جي ٻين وڏن شهرن، ڪراچي، لاهور، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ يومِ سياهه جي حوالي سان احتجاجي واڪ ۽ ريليون ڪڍيون ويون آهن، صبح 10 وڳي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن  عالمي برادريءَ کان ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ………….

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube