ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر بلاڪ 10 ۾ هڪ جهوپڙي جي ڇپري کي باھ لڳي، جينهن ڪيترين ئي جهوپڙين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو۔
عيني شاهد موجب، بجلي جي تارن جي ٽڪرائڻ سبب شارٽ سرڪٽ ٿيو، جنهن سبب باهه لڳي
ريسڪيو عملدارن ٻڌايو ته باھ آبادي تائين پکڙجڻ جي خطري سبب وڌيڪ فائر ٽينڊر گهرايا ويا، ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ باھ تي ضابطو آندو۔




