KTN News

ڪراچي: ڪي ايم سي پاران اورنگي ٽاؤن شپ ۾ چائنا ڪٽنگ خلاف جاچ جو فيصلو.

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن طرفان اورنگي ٽاؤن شپ ۾ چائنا ڪٽنگ خلاف تحقيقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

ميونسپل ڪمشنر ٻن اڳوڻن پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن۔

ميونسپل ڪمشنر اينٽي ڪرپشن کي لکت ۾ موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسلام چوک جو پلاٽ جعلسازي ۽ غير قانوني طور منتقل ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي مبينه فرنٽ مين 60 لک رپيا وڏي رشوت ورتي۔

خط جي متن موجب لاڳاپيل پلاٽن جون سرڪاري فائلون رڪارڊ روم مان غائب آهن، گهٽ ريٽ سان چالان جاري ٿيڻ سبب ڪي ايم سي کي شديد مالي نقصان پهتو، ريٽائر ٿيڻ جي ڪري اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر خلاف ڪي ايم سي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، انڪري قاعدن تحت ڪيس باقاعده انڪوائري لاءِ اينٽي ڪرپشن کي ريفر ڪيو ويو آهي۔

ميونسپل ڪمشنر جي خط موجب ٻئي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر تي رفاحي پلاٽ کي غير قانوني طور ڪمرشل لِيز ڪرڻ جو الزام آهي، سيڪٽر 13 ايچ جو رفاحي پلاٽ ناجائز طور ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ريٽائرمينٽ سبب ڪي ايم سي سندس خلاف به ڪارروائي نٿي ڪري سگهي

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube