ڪولمبو: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته ڀارت سان ميچ جو ڪنٽرول اسان جي هٿ ۾ ناهي، ان بابت فيصلو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي۔
ورلڊ ڪپ کان اڳ منعقد ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا شرڪت ڪئي، جتي هن ٽيم جي تيارين سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڀارت خلاف ممڪن ميچ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارتي ٽيم سان ميچ جو ڪنٽرول اسان جي هٿ ۾ ناهي، ان حوالي سان حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي، اسان ان جو احترام ڪنداسين۔
هن چيو ته في الحال اسان کي اهو اندازو ناهي ته ڀارت سان ميچ ٿيندو يا نه، جڏهن ته قومي ٽيم حڪومت جي پاليسي مطابق ئي اڳتي وڌندي۔
قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته هي بطور ڪپتان سندس پهريون ورلڊ ڪپ آهي ۽ هو ان حوالي سان تمام گهڻو پُرجوش آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت هيٺ ٽيم شائقين کي سٺو ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ڏيندي۔
سلمان علي آغا مڃيو ته گذريل ٽورنامنٽن ۾ ٽيم اها ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي، جنهن جي شائقين کي اميد هئي، پر هر نئين ٽورنامنٽ ۾ نئين اميد ۽ جذبي سان ميدان ۾ لهندا آهيون۔
هن چيو ته هن ڀيري ٽيم سٺو ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويندو۔
سلمان علي آغا بنگلاديشي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شامل نه ٿيڻ کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته گذريل ڇهن مهينن کان قومي ٽيم لڳاتار سٺو ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي، ۽ ٽيم جي سڀني شعبن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔
سري لنڪا بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سري لنڪا هن لاءِ ٻئي گهر جيان آهي، هتي جا ماڻهو نهايت سٺا ۽ اخلاق وارا آهن۔ هن چيو ته جڏهن به سري لنڪا اچي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، هميشه سٺو محسوس ٿيو آهي۔




