مستونگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ ضياءُ الحق ابابڪي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي۔
پوليس موجب، عزيزآباد ۾ گهر جي سامهون ٻن اڻڄاتل هٿياربندن ضياءُ الحق ابابڪي تي فائرنگ ڪئي، ضياءُ الحق فائرنگ جي واقعي ۾ محفوظ رهيو، پوليس جوابدارن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي آهي۔




