KTN News

پشاور هائيڪورٽ، ڪي پي جي وڏي وزير جي حلف برداري بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پشاور هائيڪورٽ، ڪي پي جي وڏي وزير جي حلف برداري بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو عدالت چيو آهي ته ڳالهه پيشيءَ جي ناهي، سهيل آفريدي وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، حلف گورنر کي کڻائڻو آهي، گورنر کي وڏي وزير جي استعيفيٰ ملي ته وڏو وزير مستعفي تصور ٿيندو، سهيل آفريدي 90 ميمبرن جي ووٽ سان وڏو وزير چونڊيو ويو آهي، ڇا گورنر حلف کڻائڻ بابت ڪو اظهار ڪيو آهي؟،وڪيل چيو ته گورنر سرڪاري تي ويل آهي سڀاڻي موٽي ايندو.

پشاور هاءِ ڪورٽ، خيبر پختونخوا جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي کان حلف نه وٺڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان مقرر ڪيل وڪيل عامر جاويد عدالت کي آگاهه ڏيندي ٻڌايو ته گورنر چيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت جهاز موڪلي، ته هو اڄ واپس اچي سگهي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب، پوءِ جهاز جو بندوبست ڪريو، جِنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل شاهه فيصل عثمان خيل جواب ڏنو ته هاڻي ته وزيراعليٰ ئي ناهي، پوءِ ڪنهن کي چئون ته جهاز جو بندوبست ڪري؟.

عدالت ۾ سينيئر وڪيل سلمان اڪرم راجه موقف اختيار ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور اسمبلي جي فلور تي چيو آهي ته هن استعيفيٰ ڏني آهي۽   هن پاڻ ه سهيل آفريدي کي ووٽ به ڏنو آهي، آئين ۾ وزيراعليٰ جي استعيفيٰ جي منظوري جي ڪا شرط ناهي، استعيفيٰ بعد نئين چونڊ ٿيڻ تي حلف ضروري آهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اڄ ئي ٻڌايوويندو …

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube