پاڪستان جو پهريون هاءِپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ايڇ ايس ون 19 آڪٽوبر تي چين مان لانچ ڪيو ويندو، جيڪو زرعي ۽ ماحولي نگراني لاءِ جديد سهولتون فراهم ڪندو۔
اسپارڪو جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيٽلائيٽ زرعي، شهري ترقي ۽ ماحولي نگراني ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايڇ ايس ون سيٽلائيٽ ڊيٽا ڪيلبيريشن ۽ درست زرعي سهولتون مهيا ڪندو۔
هاءِپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ذريعي فصلن جي پيداوار ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، سيٽلائيٽ ٻوڏن، زمين سلائيڊنگ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔


