KTN News

پاڪ – ڏکڻ آفريڪا ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي رونمائي

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتانن ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي باقاعده رونمائي ڪري ڇڏي.

نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي قائد ايڊن مارڪرَم ٽرافي جو پردو هٽايو. ان موقعي تي ٻئي ٽيمون جا ڪپتان جوش ۽ جذبي سان ڀرپور نظر آيا.

ايڊن مارڪرَم اين سي اي ۾ موجود ڪرڪيٽ ميوزيم جو به دورو ڪيو، جتي شان مسعود کيس مختلف تاريخي ٽرافيز ۽ يادگار لمحن بابت معلومات ڏني.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي شروع ٿيندي، جيڪا آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube