KTN News

يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف تي روسي هوائي حملو، 6 ڄڻا مارجي ويا

پرڏيهي ميڊيا موجب، روس گذريل رات دير سان يوڪريني راڄڌاني ڪيف تي ميزائلن ۽ ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿيا.

يوڪريني اختيارين جو چوڻ آهي ته روس جان بوجھ ڪري شهري انفراسٽرڪچر ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ۽ روسي حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 2 رهائشي عمارتن ۾ باهه لڳي وئي.

ٻئي طرف، يوڪرين به گذريل رات روس تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 3 روسي شهري مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا.

روسي وزارت دفاع پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوج گذريل رات 249 يوڪريني ڊرون ڪيرايا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube