KTN News

وزيراعظم شهباز شريف ترڪمانستان جي دوري لاءِ اشڪ آباد روانو

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪمانستان روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ترڪمانستان ۾ امن ۽ اعتماد جي تعمير جي قدمن لاءِ بين الاقوامي فورم ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي، هو ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سان ملاقات ڪندو ۽ دوري دوران ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي.

ملاقاتن ۾ باهمي تعاون، علائقائي استحڪام، اقتصادي ڀائيواري ۽ توانائي منصوبن جي ترقي، خاص طور تي تاپي گئس منصوبي تي بحث ڪيو ويندو.

وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به هوندا. ورلڊ پيس فورم ۾ روس، ايران، ازبڪستان، آذربائيجان، قازقستان ۽ ٻين ملڪن جا سربراهه پڻ شرڪت ڪندا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube