KTN News

ميرپورخاص: فرياد کڻي پوليس اسٽيشن تي آيل عورت سان مبينه زيادتي جو انڪشاف

سنڌ جي شهر ميرپورخاص ۾ پوليس اسٽيشن تي فرياد کڻي آيل عورت سان مبينه زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي۔

ضلعي پوليس جي ترجمان موجب، عورت ڊي آءِ جي کي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ فرياد کڻي مهراڻ پوليس اسٽيشن وئي هئي، جتي هن سان زيادتي ڪئي وئي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي فرياد تي زيادتي جو مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنه فوري طور تي ايس ايچ او مير خادم تالپور کي معطل ڪري، انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube