KTN News

سکَن جي آزادي لاءِ ڪينيڊا ۾ ريفرنڊم، هزارين سِک ميدان ۾ نڪري آيا

ڪينيڊا جي شهر اوٽاوا ۾ ٿيندڙ ريفرنڊم ۾ خالصتان جي حامي سکن جو وڏو انگ سکن جي آزادي لاءِ ڀارت جي خلاف نڪتو.

سک فار جسٽس جي سربراهه گرپتونت سنگھ پنو جو چوڻ آهي ته اوٽاوا ۾ خالصتان ريفرنڊم ۾ 53,000 سکن ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو.

هن چيو ته ڪينيڊا ريفرنڊم مودي جي گولين ۽ بمن جو جواب آهي، مودي جي ظالمانه پاليسين جو سياسي موت ووٽ باڪس ذريعي ٿيندو.

گرپتونت سنگھ پنو چيو ته 1984 جي سک نسل ڪشي کان پوءِ هاڻي مودي حڪومت پنجاب ۾ معاشي قتل عام ڪري رهي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube