KTN News

سکر-ملتان موٽر وي تي اغوا جي وڌندڙ وارداتن بعد مسافر گاڏين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ شروع

سکر-ملتان موٽر وي ايم-5 تي اغوا جي وڌندڙ وارداتن سبب مسافر گاڏين کي هاڻ 25 ڪلوميٽر علائقي، اعظم پور ريسٽ ايريا کان وٺي گڊو-ڪشمور انٽرچينج تائين، ڪچي جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي۔

ڊي پي او موجب، مسافر گاڏين کي شام ڇهن وڳي کان رات دير تائين هر هڪ ڪلاڪ بعد ڪنوايي (قافلي) جي صورت ۾ اعظم پور ريسٽ ايريا ۾ گڏ ڪري، پوءِ روانو ڪيو وڃي ٿو۔

پوليس ڪنوايي ڀونگ، جمال دين والي، صادق آباد ۽ ماڇڪا تائين جو علائقو ڪور ڪري ٿي۔ هي قدم ان وقت کنيو ويو، جڏهن ڊاڪائن موٽر وي تي فائرنگ ۽ مسافرن جي اغوا جا واقعا وڌي ويا۔

حيرت انگيز طور، ساڳئي موٽر وي تي جتي رات دير تائين پنجاب پوليس جو ڪنوايي سنڌ جي حد تائين مسافر گاڏين کي ڇڏيندو آهي، اتي سنڌ پوليس طرفان ڪو ڪنوايي مهيا نٿو ڪيو وڃي۔

ايس ايس پي انور کتران جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ بعد گهوتڪي کان سکر موٽر وي تائين سفر محفوظ آهي، گڊو انٽرچينج کان سکر تائين پوليس ۽ رينجرز گڏيل گشت ڪن ٿا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube