ڪراچي: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊينگي، مليريا ۽ سي بي سي ٽيسٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيسٽن جا نوان اگهه 21 آڪٽوبر کان 31 ڊسمبر 2025 تائين لاڳو رهندا۔
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن موجب:
- مليريا ٽيسٽ جو اگهه 3050 رپين مان گهٽائي 600 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔
- ڊينگي جو اين ايس 1 ٽيسٽ 4550 رپين مان گهٽائي 1100 رپيا ڪيو ويو آهي۔
- ڊينگي جي آءِ جي ايم ٽيسٽ جي قيمت 1500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔
- سي بي سي ٽيسٽ جو اگهه 1250 رپين مان گهٽائي 500 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد ڊينگي جي مريضن کي فائدو پهچائڻ آهي، ڇاڪاڻتہ سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن۔



