KTN News

سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾  ڪشمير تي قبضي ۽ ڀارت جي ظلمن خلاف ڪارو ڏاهاڙو ملهايو پيو

سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾  ڪشمير تي قبضي ۽ ڀارت جي ظلمن خلاف ڪارو ڏاهاڙو ملهايو پيو وڃي ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾پيپلز سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن عالمي برادري کان ڪشمير کي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حق ڏيڻ جو مطالبوڪيو. 

 سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي 77 سال مڪمل ٿيڻ ۽ ڀارتي ظلمن خلاف ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

پيپلز پارٽي پاران صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن،  ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي، سندن سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي .

ناصر شاهه چيو ته ڪشميرين جون قربانيون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۽ اهو ڏينهن پر ناهي جڏهن گڏيل قومن جي قرارداد تحت ڪشميرين کي پنهنجو حق ملندو .

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube