سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڄامشورو جي ڪوهستاني علائقي ۾ گيسٽرو جي وبا سبب ٿيل فوتگين جو سخت نوٽيس ورتو آهي.
وڏي وزير جي هدايت تي صحت کاتي ۽ پي پي ايچ آءِ جون ٽيمون متاثر علائقي جي ڳوٺ فيض محمد ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن.
وڏي وزير کي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ڄامشورو پاران صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ ملي وئي آهي، جنهن موجب ڳوٺ فيض محمد ۾ گيسٽرو سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، 105 مريضن جو علاج مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 85 مريض شديد گيسٽرو ۾ مبتلا هئا ۽ 15 جي حالت نازڪ آهي.
مراد علي شاهه چيو آهي ته “عوام جي صحت منهنجي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به متاثر فرد کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي۔”
وڏي وزير جي هدايت تي ڳوٺ فيض محمد ۾ صاف پاڻي جا ٽينڪر موڪليا ويا آهن ۽ آر او پلانٽ کي اي ڊي پي منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ سخت نگراني جاري رکي وڃي، جڏهن ته صحت کاتو، پي پي ايچ آءِ ۽ بحالي ٽيمون گڏيل ڪارروائي ڪري رهيون آهن..



