KTN News

سلامتي ڪائونسل ۾ صدر ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي۔

سلامتي ڪائونسل ۾ صدر ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي ويئي۔

قرارداد ۾ غزه لاءِ بين الاقوامي استحڪام فورس جي تعيناتي ۽ غزه ۾ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جا نقطا به شامل آهن۔

آمريڪي مندوب چيو ته هڪ تاريخي ۽ تعميري قرارداد منظور ڪئي وئي آهي، مصر، قطر، اردن، سعودي عرب، يو اي اي، ترڪي، انڊونيشيا ۽ پاڪستان جا شڪريا گذار آهيون۔

آمريڪي مندوب جو چوڻ هو ته اسان سڀ گڏ ٿياسين، صورتحال جي سنگيني جو احساس ڪيو ۽ قدم کنيا، غزه جي استحڪام لاءِ اڄ جي قرارداد اهم آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube