صدر مملکت آصف علي زرداري، مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي مسلم امت ۾ اتحاد، اعتدال ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ٻن طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.
ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ، صدر مملکت آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن موقعي تي صدر پاڪستان، خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري، ڊاڪٽر العيسيٰ جي امت مسلمه ۾ اتحاد، اعتدال ۽ مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته انتهاپسندي ۽ اسلاموفوبيا خلاف مسلم ورلڊ ليگ جون ڪوششون قابلِ تحسين آهن.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي ميزبانيءَ هيٺ نياڻين جي تعليم بابت ٿيل عالمي ڪانفرنس هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي، ۽ سيرت النبي ﷺ عجائب گهر (ميوزيم) پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي گڏيل احترام ۽ عقيدت جي علامت آهي.
صدر زرداري پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي کي صحت، تعليم ۽ انساني همدرديءَ جي منصوبن لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ فلسطيني عوام جي خود ارادي جي حق جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.
صدر مملکت چيو ته امن لاءِ هر ڪوشش ۾ پايدار جنگ بندي، اسرائيلي فوج جي واپسي ۽ غزه جي ٻيهر تعمير کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائيچاري ڀريل لاڳاپن تي فخر آهي، ۽ ولي عهد جو دورو پاڪستان، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوطي سان اڳتي وڌائيندو.
صدر جو چوڻ هو ته مسلم ورلڊ ليگ امت مسلمه جي اتحاد، مکالمه، رواداري ۽ انساني ڀلائي جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر العيسيٰ چيو ته پاڪستان، سعودي عوام جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوطي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ۽ سعودي عرب، پاڪستان سان دوستي کي پنهنجي لاءِ باعث فخر سمجھي ٿو.
ڊاڪٽر العيسيٰ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جو سياسي سفر قابلِ تحسين ۽ متاثر ڪندڙ آهي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي اسان لاءِ هڪ رهنمائي ڪندڙ چراغ آهي




