روسي صدر ايٽمي ڪروز ميزائل “بوريئوستنڪ” جي ڪامياب تجربو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي۔
روسي صدر پيوٽن جو چوڻ آهي ته ميزائل سڀني دفاعي نظامن کي چڪمو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جلد ئي هي ايٽمي ميزائل روسي فوج حوالي ڪيو ويندو۔

ٻئي پاسي روسي فوج جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ميزائل 15 ڪلاڪ فضا ۾ رهيو ۽ 14 هزار ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪيو، ڪروز ميزائل بوريئوستنڪ جو تجربو 21 آڪٽوبر تي ڪيو ويو هو۔




