KTN News

راولپنڊي، اسلام آباد ۾ هڪ ئي وقت اذان ۽ جماعت سان نماز جو نظام ڪڏهن لاڳو ٿيندو؟

حڪومت راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ٻن شهرن ۾ هڪ ئي وقت آذان ۽ جماعت جي نماز جو نظام لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف موجب، نئين سال جي آمد تي ٻنهي شهرن ۾ هڪجهڙا نماز جا وقت لاڳو ڪيا ويندا.

هن چيو ته هن پنهنجي اڳوڻي وزير جي دور ۾ ان حوالي سان 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو هو ۽ هاڻي هي نظام پهرين جنوري 2026 کان لاڳو ڪيو ويندو.

وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙا اذان ۽ جماعت جي نماز جا وقت لاڳو ڪيا ويندا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube