KTN News

راولپنڊي: مسافر گاڏي درياهه ۾ ڪري پئي، 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا

راولپنڊي ويجهو ڪهوٽا-آزاد پتن روڊ تي هڪ مسافر گاڏي درياهه ۾ ڪري پئي، ريسڪيو اهلڪارن ٽن ماڻهن جا لاش ڪڍيا آهن.

ريسڪيو عملدارن موجب، حادثي کان پوءِ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن، ۽ وڌيڪ ماڻهن کي درياهه مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ريسڪيو عملدارن موجب، گاڏي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ درياهه ۾ ڪري پئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube