KTN News

جوا ايپ پروموشن ڪيس: ڊڪي ڀائي جي رهائي ۾ دير، روبڪار جاري نه ٿي سگهيو

جوا ايپ پروموشن ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪندڙ يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي جي جيل مان رهائي ملتوي ٿي وئي۔ عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب اڄ رهائي جي روبڪار جاري نه ٿي سگهي۔

وڪيل موجب روبڪار جي جاچ پڙتال لاءِ وقت گهربل هوندو آهي، تنهن ڪري اڄ مڪمل نه ٿي سگهي۔

بيرسٽر امرت شيخ چيو ته اڄ پوري ڪوشش جي باوجود روبڪار مڪمل نه ٿي سگهي، البت سڀاڻي تائين روبڪار جاري ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن کان پوءِ رهائي ممڪن ٿي سگهندي۔

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن ڊڪي ڀائي جي ضمانت منظور ڪئي هئي

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube