KTN News

جتي پارا چنار حملو ٿيو، اهو رستو ٻئي ملڪ کان اچي ٿو، پنهنجو دشمن سڃاڻو.”سپريم ڪورٽ جي جسٽس مسرت هلالي  رمارڪس

سپريم ڪورٽ جي جسٽس مسرت هلالي  رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته “جتي پارا چنار حملو ٿيو، اهو رستو ٻئي ملڪ کان اچي ٿو، پنهنجو دشمن سڃاڻو.”

پارا چنار قافلي تي حملي جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ــ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور ڪئي.

سماعت دوران سي ٽي ڊي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي ۾ 37 ڄڻا شهيد ۽ 88 زخمي ٿيا هئا.

جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته “ڇا هن واقعي ۾ صرف هڪ شخص جي سڃاڻپ ٿي آهي؟ جيڪي ماڻهو جبلن مان حملا ڪرڻ آيا هئا، انهن مان ڪو به گرفتار نه ٿيو؟”

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انهن مان 9 ماڻهن جون ضمانتون سپريم ڪورٽ اڳ ئي خارج ڪري چڪي آهي.

جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته “هاڻي صورتحال ڇا آهي، ڇا رستا کلي ويا آهن؟” جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته صبح 9 وڳي کان ڏهين 2 وڳي تائين رستا کليل رهن ٿا.

ان موقعي تي جسٽس مسرت هلالي سي ٽي ڊي جي وڪيل کي مخاطب ڪندي چيو ته “جتي پارا چنار حملو ٿيو، اهو رستو ٻئي ملڪ کان اچي ٿو، توهان پنهنجو دشمن سڃاڻو، صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔”

عدالت جوابدار کي وڪيل مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube