KTN News

بلوچستان: آپريشن ردالفتنه-1 ڪاميابي سان مڪمل، 216 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ جاري آپريشن ردالفتنه-1 ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي۔

پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب پنجگور ۽ هرنائي ۾ ڪيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشنن دوران 216 دهشتگردن کي ماريو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪن کي سخت ڌچڪو رسيو ۽ قيادت سميت ڪمانڊ سسٽم مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو۔

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فتنه الهندوستان جي بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ جون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون آهن. هن آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان غير ملڪي هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ جديد اوزارن جو وڏو ذخيرو هٿ آيو آهي۔

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي ٻاهرين سهولتڪاري ۽ لاجسٽڪ سپورٽ ملڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن۔

آءِ ايس پي آر موجب هن آپريشن دوران 36 معصوم شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته مادرِ وطن جي دفاع ۾ 22 بهادر جوانن شهادت جو جام نوش ڪيو۔

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪجي ٿو، قوم شهيدن جي اهلِ خانہ سان گڏ بيٺل آهي، ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube