اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ڪئي ويندي.
انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيض حميد کي 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل 15 مهينن تائين جاري رهيو، ۽ جوابدارن خلاف 4 الزامن تي ڪارروائي ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر چيو ته الزامن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، سرڪاري رازن جي قانون جي خلاف ورزي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي غير ضروري نقصان پهچائڻ شامل آهن.
انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز پنهنجي بيان ۾ چيو ته هڪ ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني عمل کان پوءِ، جوابدار کي سڀني الزامن تي مجرم قرار ڏنو ويو. عدالت پاران ڏنل سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ڪئي ويندي.
آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سڀني قانوني گهرجن کي پورو ڪيو، ملزم کي سڀئي قانوني حق فراهم ڪيا ويا، جن ۾ پنهنجي دفاع لاءِ وڪيلن جي ٽيم چونڊڻ جو حق به شامل آهي، ۽ ملزم جي سياسي عنصرن سان ملي ڀڳت، سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام جي معاملن کي الڳ الڳ ڏٺو پيو وڃي.




