KTN News

ايف آءِ اي جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي، غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدار گرفتار۔

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔

ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، ڊي جي ايف آءِ اي جي هدايت تي حواله هُنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري آهن۔

ترجمان ٻڌايو ته ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ڪراچي، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پارڪنگ مان ٻه جوابدار اسامه عابد ۽ محمود بٽ گرفتار ڪيا، جيڪي غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث هئا۔

ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيلن وٽان 2 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ جي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي۔

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار بغير لائسنس جي ڪرنسي ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري رهيا هئا، انهن کان موبائل فونز ۽ غيرقانوني ڪرنسي جي واپار سان لاڳاپيل ثبوت به هٿ آيا آهن۔

ترجمان چيو ته جوابدار هٿ آيل ڪرنسي بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا، انهن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube