KTN News

اسين بند ڪمرن ۾ ويهي آزاد ڪشمير جي حڪومت نه هلائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته اسان بند ڪمرن ۾ ويٺي آزاد ڪشمير جي حڪومت نه هلائينداسين.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان ڪشمير جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هاڻي مان چئي سگهان ٿو ته اسان ڪشمير ۾ سياست بحال ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته پيپلز پارٽي جو ڪشمير سان 3 نسلن جو رشتو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي مظفر آباد ۽ سرينگر ۾ احتجاج ٿيا.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو چيو هو ته جتي ڪشميرين جو پسينو وهندو، اتي اسان جو رت وهندو، باني پي ٽي آءِ کي پيپلز پارٽي جي مينڊيٽ تي لٽ مار ڪري اقتدار ڏنو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube