آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.
حلف برداري جي تقريب صدارتي محل ۾ منعقد ڪئي وئي، ۽ اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر فيصل ممتاز راٺوڙ کي حلف کڻايو.
حلف برداري جي تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر، خيبر پختونخوا جي گورنر فريال ٽالپر، اسيمبلي جي ميمبرن ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
راجا فيصل ممتاز راٺوڙ آزاد ڪشمير جي 16 هين وزيراعظم آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي 16 هين وزيراعظم فيصل راٺوڙ چيو ته هو آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو جو شڪرگذار آهي ته انهن کيس هي ذميواري سونپي.




