KTN News

آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري تقريب اڄ ٿيندي.

آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ جي حلف برداري تقريب اڄ صدر آفيس مظفر آباد ۾ منعقد ٿيندي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ مظفر آباد پهچي وئي آهي، جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به شرڪت جو امڪان آهي.

آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم فيصل راٺوڙ ايوان ۾ خطاب ڪندي ايڪشن ڪميٽي کي حقيقت قرار ڏنو ۽ چيو ته سندس ڪجهه مسئلا حقيقي آهن ۽ ڪجهه خواهشون آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube