رانديون

March 25, 2023 9:30 pm

ايشين ٽينس فيڊريشن دوشنبي اوپن انڊر فورٽين ۾ زوهيب افضل سلور ميڊل کٽي ورتو

پاڪستان جي ٽينس رانديگر زوهيب افضل ملڪ تاجڪستان جي شهر دوشنبي ۾ کيڏيل اي ٽي ايف دوشنبي اوپن انڊر 14 جي ٽئين مرحلي ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو.

بوائز انڊر فورٽين سنگلز جي فائنل ۾ زوهيب افضل جو مقابلو ايراني رانديگر دانيال مستغفورڊ سان ٿيو. فائنل ميچ جي پهرئين سيٽ ۾ مقابلو ٻه، ٻه تان برابر رهيو.

جڏهن ته ايراني ٽاپ سيڊ رانديگر ٻئي ۽ ٽئين سيٽ ۾ ڇهه ٻه ۽ ڇهه صفر جي اسڪور سان ٽائيٽل کٽي ورتو.

زوهيب افضل سيمي فائنل ۾ قازقستان جي مارسل اليڪسيوف کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

ان کان اڳ 18 مارچ تي زوهيب افضل ۽ عامر مزاري به اي ٽي ايف انڊر فورٽين ڊبلز جي سيڪنڊ ليگ ۾ سلور ميڊل کٽيو هو.

وڌيڪ پڙهو: