KTN News

تبه هارٽ انسٽيٽيوٽ پاران ورلڊ هارٽ ڊي جي حوالي سان سالياني سائيڪلنگ رائيڊ 28 سيپٽمبر آچر تي منعقد ڪئي

تبه هارٽ انسٽيٽيوٽ پاران ورلڊ هارٽ ڊي جي حوالي سان سالياني سائيڪلنگ رائيڊ 28 سيپٽمبر آچر تي منعقد ڪئي وئي. رائيڊ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي رائونڊ اَباؤٽ کان شروع ٿي شارع فيصل کان ٿيندي تبه ميڊيڪل سينٽر، ڊي ايڇ اي آفيس تي ختم ٿي.

ان موقعي تي ڪراچي جي 11 اهم سائيڪلنگ گروپن سان گڏ تبه هارٽ انسٽيٽيوٽ جو اسٽاف ۽ مينيجمينٽ به شرڪت ڪئي..

اختتامي تقريب تبه ميڊيڪل سينٽر ۾ منعقد ٿي، جنهن  کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ڪنسلٽنٽ ڪارڊيو لوجسٽ ڊاڪٽر بشير حنيف صحت مند زندگي ۽ ان بابت ضروري تبديليءَ تي روشني وڌي.

تبه هارٽ انسٽيٽيوٽ موجب هي رائيڊ دل جي صحت کي بهتر بنائڻ ۽ نوجوان نسل ۾ صحتمند زندگيءَ بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube