شيخ اسرار
دنيا ۾ نوبيل امن انعام لاءِ 22 ورهين جي دلير سوئيڊش سماجي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ جو نالو بحث هيٺ اچي ويو آهي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن انعام ملڻ جا امڪان گهٽجي رهيا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ پاڪستان ۽ اسرائيل سميت ڪيترن ئي ملڪن نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته گريٽا جو نالو سوئيڊن جو ٻن قانونسازن پاران ڏنو ويو آهي. ماحوليات جي بچاءَ لاءِ جدوجهد طور سڃاتي ويندڙ گريٽا هن وقت دنيا ۾ فلسطينين جي حقن لاءِ سڀ کان سگهاري آواز طور ڏٺي پئي وڃي. هوءَ صمود فلوٽيلا ذريعي ٻه ڀيرا فلسطين ڏانهن امداد کڻي وڃڻ جي ڏوهه ۾ اسرائيلي فورسز هٿان گرفتار ٿي چڪي آهي.
گريٽا فلسطينن جي آزادي ۽ حقن لاءِ سوئيڊن سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ريلين جي اڳواڻي به ڪري چڪي آهي ۽ دنيا جي طاقتور ترين ملڪن خلاف مزاحمت پئي ڪري. انهيءَ جدوجهد جي ڪري نه صرف عرب ۽ اسلامڪ ملڪن پر سموري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو هن جي ساراهه ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر آهي، جيڪو دنيا ۾ پاڪستان ۽ انڊيا سميت 7 جنگيون روڪرائڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي پر اها ڳالهه به لڪل ناهي ته اسرائيل کي سڀ کان وڏي مدد آمريڪا ئي ڏئي پيو. هن وقت هو ڀرپور ڪوشش ۾ آهي ته ڪنهن طريقي سان اسرائيلي جنگ ختم ڪرائي جيئن نوبيل امن انعام لاءِ هن جو رستو صاف ٿي سگهي.
نوبيل امن انعام جو اعلان 10 آڪٽوبر 2025 تي ٿيندو، جڏهن ته انعام ڏيڻ جي تقريب ڊسمبر ۾ ناروي جي شهر اوسلو ۾ ٿيندي.
توهان ڇا ٿا سمجهو هن انعام جو حقدار ڪير آهي؟
نوبيل امن انعام جو حقدار ڪير،گريٽا يا ڊونلڊ ٽرمپ؟
