ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جلد بازي وارو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ تڪ ۾ اليڪشن تي فيصلو ڏنو، جڏهن جج ئي فيصلي سان متفق نه هجن ته عوام ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جن ججن انڪار ڪيو، فل ڪورٽ ٺاهي.
هنن چيو ته چونڊن جو فيصلو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏڻ گهرجي، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته صورتحال بهتر ٿي ويندي،
آئين ۾ هر اداري جي طاقت ۽ حدن جو تعين ڪيو ويو آهي، چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن اليڪشن ٿيندي. اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته چونڊون ضرور ٿين پر ليول پلئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي ۽ اليڪشن 2018 جهڙيون نه ٿيڻ گهرجن.