لاهور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد جي ڪيسن جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي عمران خان کي اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.
عمران خان کي اڄ 1 وڳي سي سي پي او آفيس طلب ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي جي موقعي تي ڌماڪي ۽ هڙتال جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ٻين اڳواڻن کي به طلبي نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جي آءِ ٽي اڳ ئي عمران خان سميت 17 اڳواڻن کي طلب ڪري چڪي آهي.