پنجاب جِي سُڌ سماءَ وارِي وزير عظميٰ بخاري سنڌ حڪومت کي وري نئون چئلينج ڏئي ڇڏيو، عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جِي 17 سالن جِي سنڌ حڪومت ۾ 17 منصوبا ئي ڏيکاريو، اسان مريم نواز جا ٻِن سالن ۾ 50 منصوبا ڏيکارينداسين.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو ته جيڪڏهن اسان ٻُڌائڻ تي آياسين ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جا ٻِن سالن ۾ 90 منصوبا به ٻُڌائي ڇڏينداسين.
عظميٰ بخاري چيو ته شرجيل ميمڻ جَي مناظري وارو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي، هُو اسان جا اتحادي آهن، اسان انهن جو وڏو احترام ڪندا آهيون، پر جهڙي ريت ڳالهه ڪندا، ان ريت جواب ملندو.
هُن چيو ته پنجاب هميشه وڏي ڀاءُ جو حق ادا ڪيو آهي، قدرتي آفت ڪنهن به صوبي ۾ اچي پنجاب هميشه وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر جڏهن پنجاب تي ڏکيو وقت آيو ته ماڻهن سياست ڪئي.
هُن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جو چوڻ هو ته کيس اهڙي اميد نه هئي ته ڏکئي وقت ۾ پنجاب سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو.
عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ گهر هجي يا سولر پروگرام، وڪرو ناهي ٿيندو، هڪ بيان ڏٺو، 90 هزار گهر ڪٿي آهن؟
هُن چيو ته نديم افضل چن پنج پريس ڪانفرنسز ڪيون، ان کان پڇو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اوهان ڇا ڪيو آهي؟ پنجاب جو ڪيس وڙهڻ اسان جِي ذميواري آهي ۽ اسان ئي ڪيس وڙهنداسين.
عظميٰ بخاري چيو ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ فرق، ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، سڀني جي اڳيان آهي، اوهان وٽ سنڌجِي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اوهان کي سموري سياست پنجاب جَي ڪُلهن تي چڙهي ڪرڻي آهي، اچو ته اوهان کي بهاولپور، ملتان، لوڌران، رحيم يار خان، ڊي جي خان ڏيکاريان.
هُن چيو ته آئون اوهان کي پاڻ سان گڏ انهن جاين جو سير ڪرائڻ چاهيان ٿي، اوهان مون کي ڪشمور وٺي هلو، نوابشاهه، ڳڙهي خدابخش ڀٽو وٺي هلو، اوهان ڇا ڪيو آهي؟
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ جَي مناظري جو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي، اوهان پنهنجا 17 سالن جا 17 منصوبا ڏيکاريو، لاهور اچو ته آئون اوهان کي لاهور جو سير ڪرايان.
ٻئي طرف سنڌ جَي وزير سعيد غني چيو آهي ته عظميٰ بخاري جيڪا دعويٰ ڪئي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير هئڻ دوران وزيراعظم شهباز شريف خلاف سازشون ڪيون هيون، اسان وزيراعظم کان مطالبو ڪريون ٿا ته وزيراعظم ان جِي وضاحت ڪري…..