KTN News

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فلسطين بابت اعلانيل 20 نقطا اسان جا ناهن،نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فلسطين بابت اعلانيل 20 نقطا اسان جا ناهن، 8 ملڪن غزه مسئلي جي حل لاءِ نقطن جي آجيان ڪئي، گڏيل قومون ۽ يورپي يونين غزا ۾ ظلم روڪرائڻ ۾ ناڪام ويون آهن، مسلمان ملڪن ٽرمپ جي جنگ بندي وارين ڪوششن جي آجيان ڪئي، پاڪ سعودي معاهدي ۾ ٻيا ملڪ به شامل ٿيڻ چاهين ٿا، جلد پاڪستان سموري اسلامي دنيا جي قيادت ڪندو.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته غزه ۾ ظلم جاري آهي، جتي ماڻهو بک سبب مري رهيا آهن. اقوام متحده، يورپي يونين ۽ ٻيا عالمي ادارا غزه ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ سان جنگ بندي بابت هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن کانپوءِ 8 مسلمان ملڪن گڏجي 20 نقطن تي ٻڌل هڪ بيان جاري ڪيو، پر صدر ٽرمپ بعد ۾ جيڪي 20 نقطا پيش ڪيا، اُهي اسان جي طرفان ڏنل اصل نقطا نه هئا، انهن ۾ تبديليون ڪيون ويون.

هن وڌيڪ چيو ته اهو ڊرافٽ ناهي، جيڪو اسان تيار ڪيو هو ۽ اسان جو ڌيان اُن اصل ڊرافٽ تي آهي، جيڪو 8 اسلامي ملڪن گڏجي تيار ڪيو هو.

نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته غزه ۾ مڪمل جنگ بندي ضروري آهي ۽ ان جي ٻيهر تعمير لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هي صرف ڪو ذاتي مسئلو ناهي، پر سڀني اسلامي ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي، فلسطين جي معاملي تي سياست جي ڪا به گنجائش ناهي. پاڪستان جي فلسطين بابت اها ئي پاليسي آهي، جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي هئي.

اسحاق ڊار چيو ته صمود فلا ٽيلا ۾ پاڪستان جو هڪ سينيٽر به شامل آهي، گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي …..

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube