ليبيا جي ماڳ تان اڍائي ٽن يورينيم حيرت انگيز طور تي غائب ٿي ويو آهي.
ليبيا جي سائيٽ جي معائني کانپوءِ انٽرنيشنل ائٽمي انرجي ايجنسي ميمبر ملڪن کي بيان جاري ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ليبيا جي ماڳ مان اڍائي ٽن يورينيم غائب ٿي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل حڪومت اڍائي ٽن قدرتي يورينيم جا 10 ڊرم ڊڪليئر ڪيا هئا،
جيڪي هاڻي موجود نه آهن، ايجنسي ان ماڳ تان يورينيم ڪڍڻ جي وڌيڪ جاچ ڪندي.
ايجنسي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايٽمي مواد بابت معلومات جي کوٽ ريڊيالوجيڪل خطري ۽ ايٽمي سيڪيورٽي خدشن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڄاڻايل هنڌ تائين پهچڻ لاءِ پيچيده لاجسٽڪ جي ضرورت هوندي آهي.
رپورٽن مطابق 2003ع ۾ ليبيا جي صدر معمر قذافي ائٽمي هٿيارن جي پروگرام کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ هو ته يورينيم جو ماڳ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ناهي.