KTN News

جرمني کي غزہ ۾ نسل ڪشي نظر نٿي اچي؟ ترڪ صدر جرمن چانسلر تي ڇوهه ڇنڊيا۔

اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جرمن چانسلر تي ڇوهه ڇنڊيا، چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، پر جرمني ان کي ڏسڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي۔

صدر طيب اردوان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اسرائيل جي حمايت تي جرمن چانسلر تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته: ”حماس وٽ نه ايٽمي هٿيار آهن، نه جديد بم، پر اسرائيل وٽ سڀ ڪجهه آهي، ۽ اهو انهن هٿيارن سان روزانو غزه تي حملا ڪري رهيو آهي۔ ڇا جرمني انهن بمباريَن کي نٿو ڏسي؟ ڇا جرمني کي اهي ظلم نظر نٿا اچن؟“

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل رڳو بمباري سان نه، پر بک ۽ گهيري ذريعي به غزه جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

اردوان چيو: ”هي ظلم نسل ڪشي کان سواءِ ڪجهه به ناهي۔“

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube