KTN News

ٽي ايل پي جو امڪاني مارچ: اسلام آباد کي ڪنهن به وقت سيل ڪيو ويندو، موبائيل فون سروس بند ڪرڻ پڻ غور هيٺ آهي۔

تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي اسلام آباد طرف مارچ کي روڪڻ لاءِ وفاقي گاديءَ واري هنڌ کي اڄ ڪنهن به وقت سيل ڪيو وڃي ٿو.

ٽي ايل پي جي اسلام آباد طرف مارچ جي اعلان کان پوءِ وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي داخلا رستن تي ڪنٽينر رکي ڇڏيا ويا آهن ۽ جابجا پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي۔

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان پوءِ اسلام آباد ڪنهن به وقت سيل ڪيو ويندو، ريڊ زون کي ڪجهه دير کانپوءِ مڪمل طور بند ڪيو ويندو ۽ رڳو مارگلا روڊ ذريعي مجاز ماڻهن کي اچ وڃ جي اجازت ڏني ويندي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube