پوليس آپريشن لاءِ منصوبو جوڙيندي ريهجي وئي، ڪچي جي ڌاڙيلن وڌيڪ 4 ڄڻا اغوا ڪري ڇڏيا آهن،
ڪنڌڪوٽ جي علائقي مان ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪيو ويو، غوثپور مان ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو،
ايس ايس پي موجب علائقي کي ڪڙو چاڙهي يرغمال بڻائيندڙن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ڪنڌڪوٽ جي علائقي ٿال روڊ لارو اسٽاپ وٽ هٿياربندن ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري ورتو آهي،
جڏهن ته غوثپور مان به ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته هي واقعو ڪڇ ۾ جاري پوليس آپريشن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي،
ڦرلٽ جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.