اهم خبرون

پاڪستان

March 19, 2023 7:34 pm

وفاقي حڪومت گهٽ آمدني وارن غريبن لاءِ 50 رپيا في ليٽر پيٽروليم رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت گهٽ آمدني وارن غريبن لاءِ 50 رپيا في ليٽر پيٽروليم رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهٽ آمدني وارن پيٽروليم صارفين لاءِ پيٽروليم رليف پيڪيج جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غريب عوام کي 50 رپيا في ليٽر تائين پيٽروليم رليف پيڪيج ڏنو ويندو.

ان حوالي سان شهباز شريف چيو ته پيٽروليم جي سبسڊي لاءِ 50 رپيا في ليٽر تائين رقم مختص ڪئي وڃي ۽ سبسڊي جو عملي پروگرام جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا جامع حڪمت عملي تيار ڪن.

هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ننڍيون گاڏيون گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي سواري آهن، پيٽروليم تي سبسڊي سڌو سنئون غريب عوام کي ملندي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت ماضي ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: