وفاقي حڪومت توشه خانه جو 2002ع کان 2023ع تائين جو رڪارڊ عوام آڏو آڻي ڇڏيو آهي.
وفاقي حڪومت توشا خانه جو رڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو آهي.
2002ع کان 2023ع تائين جي توشه خانه جي ڪرائڪ ڪارڊ جا 466 صفحا اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.
توشه خانه مان تحفا وصول ڪندڙن ۾ اڳوڻي صدرن، اڳوڻي وزيراعظمن، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن.
توشه خانه ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نواز شريف ۽ عمران خان جا رڪارڊ به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.
دستاويزن موجب عمران خان کي توشا خانه مان 8 ڪروڙ 50 لک رپين جي هيرن جي سون جي واچ، 56 لک 70 هزار رپين جي ڪفلن جو جوڙو، 15 لک رپين جو قلم ۽ 87 لک 50 هزار رپين جي انگوزي ملي آهي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان چئن شين لاءِ 2 ڪروڙ هڪ لک 78 هزار رپيا ادا ڪيا، ان کان علاوه عمران خان 7 لک 54 هزار رپيا ادا ڪري 38 لک رپين جي هڪ ٻي واچ حاصل ڪئي.