شوبز

March 11, 2023 6:28 pm

ستيش ڪوشڪ جي ڪمري مان ”مشڪوڪ دوائن“ جو انڪشاف

ڀارتي پوليس جي دعويٰ موجب بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار ۽ هدايتڪار ستيش ڪوشڪ خميس جي صبح دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ستيش ڪوشڪ کي نئين دهلي ۾ ڪار ۾ سفر دوران دل جو دورو پيو، سندس عمر 66 سال هئي،

اداڪار جي موت جي خبر سڀ کان پهرين بالي ووڊ اداڪار ۽ ستيش جي ويجهي دوست انوپم کير پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي ٻڌائي.

هاڻ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هولي کيڏڻ کانپوءِ فارم هائوس مان ڪجهه شڪي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي جتي ستيش ڪوشڪ ٻين اداڪارن سان گڏ دهلي جي علائقي باجواسن ۾ پارٽي ڪئي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل دوائن کي ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي پر ستيش ڪوشڪ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ اهو معلوم ٿيندو ته انهن دوائن جو اداڪار جي موت سان ڪو تعلق آهي يا نه.

وڌيڪ پڙهو: