ڪارروائيءَ کي ڊگهو ڪرڻ نه ٿا چاهيون، سادو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪري سگهي ٿو يا نه؟، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جا ريمارڪس،
پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي جاري، اٽارني جنرل درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪري ڇڏي،
جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاملو پارليامينٽ ۾ حل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟، چيف جسٽس چيو بهتر نيت سان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون،
ڌرين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته حالتن کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻو آهي، عدالت کي حقيقتون ڏسي اڳتي وڌڻو آهي.