بين الاقوامي

دنيا

March 17, 2023 7:36 pm

برطانيه ۾ پگهارن ۾ واڌ لاءِ هڙتال جاري

سرڪاري ملازمن، جونيئر ڊاڪٽرن ۽ ريل ڪارڪنن سڄي برطانيه ۾ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پگهار ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو وڃي.

برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي برطانوي ناڻي واري وزير جيريمي هنٽ چيو ته پگهارن ۾ واڌ واري معاملي تي مزدورن جي يونين سان ڳالهيون جاري آهن،

ڳالهين ۾ حوصلا افزائي جي اميد آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب هڙتال سبب اسپتالن ۾ ڪم ڪار متاثر ٿيو ۽ ڪجهه هنڌن تي ٽيوب نيٽ ورڪ مڪمل طور بند رهيو.

سرڪاري ملازمن، جونيئر ڊاڪٽرن ۽ ريلوي ملازمن پگهارن ۾ واڌ لاءِ هڙتال سبب ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: